سج
سج جو مقام، شمسي ڊگهائي ڦاڪ، سج جو لاڙو، سج اڀرڻ، سج لھڻ ۽ اعتدال — سڀ هڪ رسدگاھي مرڪز ۾.
اڄ جو شمسي مشاهدو
هي انگ اکر آڪاش درشني جي داخلي پروگرامنگ سان گڏ ناسا سميت مختلف فلڪي انجڻين مان حاصل ٿين ٿا؛ جيڪي ھلندڙ وقت سان پاڻمرادو تازا بہ ٿيندا رھن ٿا.
سج جو اڄوڪو پنڌ
شمسي سائنسي بنياد
سج جو اُڀار سج جي ظاهري فلڪياتي مقام جي ڊگري آهي. سج جو لاڙو آسماني خط استوا کان سج جي اتر يا ڏکڻ وٿي ڏيکاري ٿو. وقت جو فرق حقيقي سج ۽ اوسط سج جي وقت ۾ فرق آهي.
سج ڇا آهي؟
سج نظام شمسي جو مرڪزي تارو آهي. ڌرتيءَ تي روشني، گرمي، موسمون، ڏينھن جي ڊيگهہ ۽ حياتين جي توانائيءَ جو بنيادي ذريعو سج ئي آهي.
فلڪي لحاظ کان سج جي ظاهري حرڪت شمسي ڪئلينڊرن، اعتدالن، اونهاري/سياري جي حدن ۽ گرھڻن جي سمجهہ لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿي.
مشاهدي ڪرڻ لاءِ رهنمائي
سج جو سڌو مشاهدو اکين لاءِ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو. سج کي ڏسڻ لاءِ هميشہ محفوظ Solar Filter، منظور ٿيل Eclipse Glasses يا مخصوص شمسي دوربين استعمال ڪرڻ گهرجي.
آڪاش درشني ۾ ڏنل سج جي ڊيٽا عام مشاهدي، سائنسي سمجهہ ۽ سنڌي ٽپڻي جي شمسي حسابن لاءِ استعمال ٿئي ٿي.
بنيادي انگ اکر
سج جي بناوت ۽ مشاهدي جا حصا
محققن لاءِ شمسي اوزار
سج جي بيھڪ ٻڌائيندڙ انجڻ
کوليوسج اڀرڻ ۽ سج لھڻ
کوليوبھار مند جي ابتدا جي انجڻ
کوليوSolar APIs
API ڏسوآڪاشي درشنيءَ جو جائزو
سج رسدگاھ جي سڀني شمسي ڪئلينڊر حسابن، موسمن، ڏينھن جي ڊيگهہ، گرھڻن ۽ سنڌو سنبت جي سائنسي حوالي جو بنيادي مرڪز آهي. موجوده صفحو Solar Position Engine، روزاني لائيو API ۽ عالمي سائنسي حوالن جي بنياد تي شمسي مشاهدو پيش ڪري ٿو.
سائنسي ذريعا
عام سوال
سج جو اُڀار ڇا آهي؟
سج جو اُڀار سج جي ظاهري فلڪياتي مقام جو بنيادي زاويه آهي، جيڪو موسمن ۽ شمسي ڪئلينڊر جي حساب ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.
وقت جو فرق ڇو ضروري آهي؟
وقت جو فرق حقيقي سج ۽ اوسط سج جي وقت ۾ فرق ڏيکاري ٿو؛ اهو ٽاڪ منجهند ۽ وقتي حسابن لاءِ اهم آهي.
زمين-سج مفاصلو ڇو بدلجي ٿو؟
ڌرتيءَ جو مدار مڪمل گول نہ، پر بيضوي آهي، تنهنڪري سال دوران زمين-سج مفاصلو ٿورو بدلجندو رهي ٿو.



