زھرہ
زھرہ سج کان ٻيو نمبر پٿريلو گرھ آهي. پنھنجي غيرمعمولي روشن چمڪ سبب اهو صبح يا شام جي آسمان ۾ نمايان نظر اچي سگهي ٿو.
زھرہ گرھ جا هن مھل انگ اکر
هي انگ هن مھل جي فلڪياتي حساب مطابق آهن ۽ گرھ جي چرپر سان مسلسل تبديل ٿيندا رهن ٿا. هتي موجود انگ اکر هر 30 سيڪنڊن تي تازا ڪيا وڃن ٿا.
زھرہ جو روشن مرحلو
زھرہ ڇا آهي؟
زھرہ نظام شمسي جي اندروني پٿريلن گرھن مان هڪ آهي. ان جي جسامت ۽ قطر ڌرتي سان ويجهڙائي رکن ٿا، تنھنڪري ان کي ڪڏهن ڪڏهن زمين جي ڀيڻ گرھ بہ سڏيو ويندو آهي.
زھرہ جي فضا گهڻي گهاٽي آهي ۽ ان ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جو وڏو حصو موجود آهي. ان جي ڪري اتي شديد گرمي پيدا ٿئي ٿي، جيڪا زھرہ کي نظام شمسي جي سڀ کان وڌيڪ گرم گرھن مان هڪ بڻائي ٿي.
مشاهدي لاءِ رهنمائي
زھرہ صاف آسمان ۾ عام طور سج اڀرڻ کان اڳ اوڀر طرف يا سج لهڻ کان پوءِ اولهہ طرف انتھائي روشن نقطي طور نظر اچي سگهي ٿو.
چنڊ کان پوءِ زھرہ آسمان ۾ سڀ کان روشن قدرتي فلڪي جسمن مان هڪ آهي، تنھنڪري اهو عام اک سان بہ آسانيءَ سان ڏسي سگهجي ٿو.
بنيادي انگ اکر
مدار ۽ حرڪت
زھرہ سج جي چوڌاري لڳ ڀڳ 225 زميني ڏينھن ۾ هڪ چڪر مڪمل ڪري ٿو. ان جي پنھنجي محور تي گردش تمام سستي آهي، ۽ اهو اڪثر گرھن جي ابتڙ رخ ۾ گردش ڪري ٿو.
زھرہ جا چنڊ
زھرہ جو ڪوبہ قدرتي چنڊ ناهي. عطارد وانگر زھرہ بہ انهن گرھن مان آهي، جن جي چوڌاري ڪو بہ چنڊ گردش نٿو ڪري.
زھرہ کي ٽہ پاسائين ماڊل ۾ ڏسو
NASA 3D زھرہ ماڊل کوليوفلڪياتي اهميت
زھرہ ڌرتي جي جسامت جي ويجهو هجڻ باوجود انتھائي گرم گرھ آهي. ان جو ماحول بنيادي طور ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ تي مشتمل آهي، جنهن سبب شديد Greenhouse Effect پيدا ٿئي ٿو. زھرہ جي مٿاڇري جو گرمي پد ڪيترن ئي ڌاتن کي نرم ڪرڻ جي حد تائين پھچي سگهي ٿو.
لساني نوٽ
لاطيني نالو Venus قديم انڊو-يورپي پاڙ *wen- سان لاڳاپيل سمجهيو وڃي ٿو، جنھن جو مطلب محبت، خواهش ۽ پسنديدگي سان لاڳاپيل آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ "وڻڻ"، "وڻي وڃڻ" ۽ "وڻندڙ" جھڙا لفظ معنا جي آڌار ساڳي ئي تصور سان ويجهڙائي رکن ٿا. هي مشاهدو تاريخي لسانيات جي وڌيڪ محققن لاءِ جو موضوع ٿي سگهي ٿو.
زھرہ جا سائنسي نشان
آڪاشي درشنيءَ جو نتيجو
زھرہ سنڌ جي آسمان ۾ سڀ کان نمايان ۽ آسان سڃاڻپ وارو گرھ ٿي سگهي ٿو، پر ان جو مشاهدو هميشه سج جي ويجهڙائي، صبح يا شام جي وقت ۽ صاف افق سان لاڳاپيل هوندو آهي. Astro Sindhi Observatory زھرہ کي صرف روشن نقطي طور نہ، پر اندروني گرھ، شديد فضا ۽ سائنسي مشاهدي جي اهم مثال طور پيش ڪري ٿي.
سائنسي حوالا
اندروني گرھن سان ڀيٽ
عطاردMercury · 0.39 AU
زھرہVenus · 0.72 AU
ڌرتيEarth · 1.00 AU
مريخMars · 1.52 AUعام سوال
زھرہ کي صبح جو تارو ڇو چيو ويندو آهي؟
زھرہ سج اڀرڻ کان اڳ اوڀر طرف انتھائي روشن نظر اچي سگهي ٿو، تنهنڪري ان کي صبح جو تارو بہ چيو ويندو آهي.
زھرہ جا چنڊ آهن؟
نہ، زھرہ جو ڪوبہ قدرتي چنڊ ناهي.
زھرہ سڀ کان روشن گرھ ڇو آهي؟
زھرہ جي گهڻن عڪاسي ڪندڙ ڪڪرن سبب اهو آسمان ۾ انتھائي روشن نظر اچي سگهي ٿو.
ذريعا
- NASA Solar System Exploration
- NASA/JPL Horizons
- ESA Planetary Science
- IAU Planetary Nomenclature



